Press & Articles
Newspaper coverage, tribute articles, academic papers and magazine features. Click any image to read it in full.
Major Publications
Click any image to open full size and read the complete article.
Tributes in Sindhi
Original Sindhi text — as written by scholars, colleagues and admirers.
شعر · Opening Verse
اڄ نه اوطاقن ۾ جوڳين سندي ذات ساري سنياسين کي رنم ساري رات مون جنين جي تات سي لاهوتي لڏي ويا
— شاڪر عزيز سيتائي
نثر · His Literary Devotion
وليرام ولڀ ولد ڪيول رام لوهاڻو جو شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جن سڄي حياتي سنڌي ادب ۽ سنڌي لاکيڻي ٻوليء لئه ارپي ڇڏي۔ سندس علمي ادبي فڪري پورهئي ۽ ڪوششن کي جنهن ۾ ان نثر تي خاص طور ۽ ٻين صنفن کي اهڙي طرح سرجايو سنواريو جو سنڌي ادب جي تاريخ جي هر دور ۾ ان کي مڃتا ملندي رهندي۔
— شاڪر عزيز سيتائي
نثر · World Literature into Sindhi
ليو ٽالسٽاء، البرٽو موراويا، ڪرشن چندر، امرتا پريتم، ديال سڪسينا، رابندر ناٿ ٽئگور، عابد سورتي، احمد نديم قاسمي ۽ ٻين ليکڪن جي تحريرن کي ترجمو ڪري سنڌ واسين کي عالمي ادب سان روشناس ڪرايو۔ وليرام ولڀ سنڌي ۾ شاعري ڪئي، سندس هڪ شعري مجموعو پڻ شايع ٿيل آھي۔
— شاڪر عزيز سيتائي
نثر · His Mastery of Prose
وليرام ولڀ جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس لکيل نثر ۾ ڪٿي به اوپرائپ، اڻوڻندڙ، اڻ سهائيندڙ لفظ آھن ئي ڪين۔ جملن جي ڪا بي ترتيب ۽ بي ربطگي نه — هن نه رڳو بيهڪ جي نشانين تي خاص توجھ ڏني آھي پر گرامر جي ترتيب پڻ بي مثال آھي۔
— شاڪر عزيز سيتائي
نثر · His Noble Character
هي پر وقار شخصيت جو مالڪ، اکين ۾ نمرتا، چھري تي مڪمل اعتماد، نظم ۽ ضبط جو مجسمو، سڀاء ۾ انسان دوست ۽ هر تضاد کن آجو۔ ترقي پسند ادب جي اوج لئه پاڻ پتوڙيندڙ شخص — ظاهر ۾ ته اسان کان جدا ويو پر سندس روح هر ادبي علمي فڪري رهاڻين ۾ اسان سان ساڻ رهندو۔
— شاڪر عزيز سيتائي
شعر · Closing Verse — Shah Jo Risalo
مرڻا اڳي جي مئا، مري ٿين نه مات هوندا سي حيات مرڻا اڳي جي مئا — شاھ
— شاھ عبداللطيف ڀٽائي
نثر · Dr. Chandi Ram Shahani — Imrata Magazine
سائين ولي رام ولڀ پنهنجي 82 سالن جي حياتي علمي ادبي ۽ سماجي خدمت ۾ انتهائي شاندار ۽ باوقار طريقي سان گذاري۔ ادب جي دنيا جا ماڻهو، خاص ڪري سنڌي پڙهندڙ، سائين ولي رام ولڀ جي انهيءَ ادبي پورهئي کي صدين تائين وساري نه سگهندا۔
— ڊاڪٽر چندي رام شاهاڻي — امراتا رسالو، شمارو 134، نومبر 2023
نثر · Saeed Mangi — Institute of Sindhology
وليرام ولڀ سنڌي ادب جو اهو منفرد شخص آهي جنهن پنهنجو غير معمولي حصو مڪمل خاموشيءَ سان ادا ڪيو ۽ سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جا اَمٽ نقش ڇڏيا۔ هو هڪ ٻوليءَ جو ماهر هو — جنهن به ڪتاب تي هٿ وڌو، اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويو۔
— سعيد منگي — ساٿي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
نثر · Dr. Murli Dhar — A Personal Memory
سائين ولي رام ولڀ ڪتابن ۾ پڙھيا ويندا منھنجي ڄاڻ سڃاڻ سائين ولي رام ولڀ سان ان وقت ٿي جڏھن مون ء منھنجي ڪجھ دوستن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ڏياري نالي ھڪ ميگزين ڇپي. اھا ۱۹۸۳ جي ڳالھ آھي. ميگزين طارق اشرف جي سھڻي مان ڇپرائي. سائين جو گھر طارق اشرف جي پريس جي ويجھو ھيو. اسين سائين کي پروف پڙھڻ لاء چيو. انھن ڏاڍي خوشي سان اسان جي ڳالھ رکي ء اسان کي ڪيتريون ھي چڱيون صلاحون به ڏنائون. اڳتي ھلي پشپا ولڀ سان واسطو پيو، ملاقات ٿي، ائين اسان رشتيدار ٿي وياسون ء سائين ولي رام ولڀ مان بابا ولي رام ولڀ ٿي ويا. انھن جا ڪتاب ء لائبريري ڏاڍا وڻندا ھيا. جڏھن به مان گھر ويندو ھيس انھن جي لائبريري ۾ ضرور ويندو ھيس ء نوان ڪتاب گولھيندو ھيس. ھو اڪثر ڪون ڪو ڪتاب مونکي پڙھڻ لاء ڏئي ڇڏيندا ھيا. ھو ھميشه ياد رکيا ويندا. لکيل ڪتابن ۾ پڙھيا ويندا. ھو اسان سان گڏ آھن، گڏ رھندا. انھن ڪتاب لکيا، رشتا جوڙيا، دليون کٽيون — ھو آھن، ھو رھندا.
— ڊاڪٽر مرلي ڌر
Additional Publications
Know of an Article We Missed?
If you have found a newspaper article or any published coverage of Vali Ram Vallabh not listed here, please send it to us.
Submit an Article




%20literary%20work%20by%20Zubaida%20Mustafa.jpeg&w=3840&q=75)











